Thursday 5 January 2017

هڪ قلم هڪڙو مان

هڪ  قلم هڪڙو مان
============-=-===========
                    آئون سنڌ آھيان
==========================
           سدائين لٽڪيل اداس پريشان
==========================
مونکي سدائين پنهنجا نوچيندا سڪائيندا  تڙپائيندا آھن
=======-==================
ها آئون سنڌ آھيان پنهنجن هٿان گروي بہ ٿيندي آھيان
==========================
مون سنڌ جا دعويدار تہ گهڻائي آھن الائي ڇو اکين سان منهنجو جوڀن اجڙندي ڏسي بہ خاموش آھن
==========================
ها آئون سنڌ آھيان مونکي امڙ بہ چوندا آھيو ڌرتي ب چوندا آھيو ساڻيھ بہ چوندا آھيو جنت جو ٽڪرو بہ چوندا آھيو
ڇا ڪيان منهنجا ٻچا آھيو منهنجا ڀائر آھيو منهنجا جوڌا جوان آھيو مون اوهان سڀني کي معاف ڪيو#الا آئون اجڙي ويس آئون وشال سرسبز سنڌ هوندي اجڙي ويس
==========================
آئون اڄ جي سنڌ آھيان
سرسبز شاداب وهندڙ درياء
منهنجي تواريخ آھي
منهنجا جوڌا جوان بہ آھن
منهنجون نازڪ نرمل ڄايون بہ آھن
هو جڏھن هيج مان هلندا ۽ هلنديون آھن
تڏھن جمالو بڻجي ويندو آھي
منهنجي پنهنجي ثقافت ريتون رسمون آھن
بس هاڻ منهنجو وجود ٽنگيل آھي
ڪڏھن روڊن تي ڪڏھن بيابانن ۾ مونکي ماريو وڃي ٿو
ها آئون سنڌ آھيان
آئون وڪامجان پئي
سڀ خاموش
آئون تڙپي تڙپي مارجان پئي
سڀ خاموش
منهنجو آب زم زم جهڙو پاڻي  رڪجي پيو
سڀ  خاموش
منهنجي معدني دولت پنهنجا ٻين کي کپائي ڏين پيا
سڀ خاموش
ها آئون سنڌ آھيان
ڏسو
مونکي ڪيئن هاڻ بي رحماڻي انداز ۾ لٽڪايو ويو آھي
ڏسو آئون سنڌ آھيان
مونکي ائين لٽڪيل ڏسي اوهان کي ڪو احساس ئي نٿو ٿي
ها آئون سنڌ آھيان
ائي الا گهٻرايو نہ منجهو نہ
آئون ڪو پاراتو ڪون ڏينديس
نہ ئي اوهان کي معياري ڪنديس
نہ ئي اوهان کي ڏوهي ڪنديس
بس ايترو چونديس
هيترن جوڌن جوانن هوندي
آئون لٽڪيل ڇو آھيان
ها آئون سنڌ آھيان
مون تہ سڀ قدرتون جون عطا ڪيل نعمتون اوهان کي ڏنيون
اوهان نہ سنڀاليون منهنجو ڪهڙو ڏوھ
ها آئون سنڌ آھيان
سدائين منهنجو جوڀن ڏسي  غيرن جو اندر جلندو آھي
آئون ٽلندي هيس مرڪندي هيس
پر اڄ منهنجو وجود ٽنگيل آھي
ها آئون سنڌ آھيان
ٻيلي ڏاها ٿيو
سجاڳ ٿيو
مونکي سنڀاليو
مون تي ڪيترن جون ئي عجيب و غريب نظرون آھن
مون سمجهيو اوهان کي سڌ آھي
خبروار آھيو
ائي گهوڙٽ اوهان تہ بيخبر آھيو
الائي ڪهڙين مستين ۾ گم سم آھيو
منهنجي حفاظت ڪريو
نہ تہ ڏاڍا ڏکيا ٿيندئو
ها مان سنڌ آھيان
دعا  ٿي ڪيان
شال سکيا ستابا هجو
ڇا ڪيان
ها مان سنڌ آھيان
ها مان سنڌ آھيان
لٽڪيل اداس
هاڻ سواليہ سنڌ آھيان
ها مان سنڌ آھيان